چين جو باڪسر انقلاب ۽ جاپاني حڪمران.

ڪنهن به سماج ۾ اگر حڪمران عوام کي پنهنجي رايا سمجهڻ بجائي انکي غلام سمجهندو ان مٿان ناجائز هٿڪنڊا استعمال ڪندو ڳرا ٽيئڪس لاڳو ڪري جبري طور انهن ٽيئڪسن جي وصولي ڪندو ظلم ۽ زيادتي انتها تي هوندي. ته اتي عوام جي صبر جو پيمانو به نيٺ لبريز ٿيندو سي نيٺ ماٺ ٽوڙيندا. انجو نتيجو اهو نڪرندو جو اهي  پوء سرڪاري دفترن تي حملا ڪندا ڦرلٽ ڪندا ۽ هراهو عمل ڪندا جيڪو قانون جي خلاف ۽ حڪومت مخالف هوندو. اگر انهن ئي قانون ٽوڙڻ ۾ فوج عوام سان ملي قانون جي پاسداري بدران ڦرلٽ ڪري ان کي ڪنهن به حڪومت خلاف هڪ غير معمولي بغاوت تصور ڪيو ويندو. مڇريل عوام جي رستي ۾ جيقي به سرڪاري توڙي غير سرڪاري سامان، آفيسون، بَئِنڪون ۽ هر اهو سازو سامان جيقو ساڻَن جي ٽَئِڪس جي پيئسن منجهان ٺهيل هُجي ان جو نقصان ڪندا جيڪو سندن جي بغاوت جي رستي ۾ ايندو ان کي پنڊ پهڻ ڪري ڇڏيندا.

ٻئي پاسي ان بغاوت کي چٿڻ لاءِ بادشاه يا اقتدار ۾ ويٺل وقت جو حڪمران طَبِقو اُن بغاوت کي روڪڻ ۾ تر جيترو به ڪونه ڪِيٻائيندو. ان عوامي بغاوت کي چٿڻ ۾ هر قسم جا هٿ ڪنڊا استعمال  ۾ آڻيندو. جيڪو سندس جي هٿ ۾ هوندو. بادشاهي حڪومتن جي  تاريخ ۾ ڪجه اهڙيون ئي عوامي بغاوتون ملن ٿيون جيڪي حڪمران طبقي جي خلاف هڪ سيهي جي ديوار وانگر هيون. پر اهڙيون بغاوتون زياده تر ان سماج ۾ مِلنديون آهن جِتي معاشرو حُڪمرانن جي غير جمهوري سوچ ۽ جمُود پرست نظام  کان باغي ٿي ترقي پَسند نظام چاهيندي روڊن رستن تي نڪري اچي. اهڙا ئي ڪجه تاريخي مثال فِرانس، اٽلي، جَرمني، انِگلستان، بوليئويا، رُوس، ارجَنٽِينا ۽ ڪيوبا ۾ ملن ٿا. اهڙي ئي بغاوت چين جي اصلوڪن رهواسين شروع ڪئي هنن باغِيُن جي خاص ڳاله اها هئي ته هنن اها بغاوت چين جي بادشاهي نظام يا ڪنهن خصوصي شخصيت خلاف نه ڪئي. بلڪه هنن اها بغاوت جاپانين ۽ اوله جي ملڪن کان آيل غيرملڪين، عيسائين، غير ملڪي واپارين ۽ ٻين اوله جي عيسائي مشينرين خلاف ڪئي جيڪي چين جي شهرن ڳوٺن ايستائين جو گادي واري شهر تي قبضو ڄمايون ۽ اصلوڪن چيني شهرين کي غلام بڻايون ويٺا هئا. هنن  باغين کي هڪ مخصوص نالو به ڏنو ويو آهي جن کي باڪسر بينڊ يا باڪسر ربيلين چئجي ٿو. پر ان نالي کي به سمجھڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ جو هن انقلاب ۾ موجود هر باغي چست ڦڙت ۽ چين جي ثقافتي کيڏ ڪراٺي ۽ باڪسنگ، جو ڄاڻون هو. تنهنڪري ان انقلاب کي باڪسر ربيلين يا باڪسر انقلاب چئجي ٿو. هن بغاوت کي تاريخ ۾ هڪ خصوصي اهميت انڪري به حاصل آهي. ته هن بغاوت جي همايت چين جي شهرين ۽ چين جي ملڪه ڊاجر پاڻ ڪئي. ملڪه ڊاجر فقت انڪري ان انقلاب جي سياسي، معاشي ۽ اخلاقي حمايت ڪئي ته ڪٿي اهي باڪسر باغي سڀاڻي ان جي تخت يا هن لاءِ خطرو نه سابت ٿين. هي بغاوت سن 1898عيسوي ۾ شروع ٿئي جنهن ۾ هزارين غَير مُلڪين، عِيسائين ۽ مغربي مشنيريز کي چين جي گادي واري شهر پيڪنگ هاڻوڪي شهر( بيجنگ) ۾ ماريو ويو.سن 1900 عيسوي تائين چيني باڪسر گادي واري شهر بيجنگ ۾ گھمندا رهيا.چين جي ملڪه ڏٺو ته باغين ۽ غير ملڪين کي روڪڻ ساڻس وس جي ڳاله ناهي. اگر هو باغين سان وڙهندي ته باڪسر انقلابي سندس تخت خلاف خطرو سابت ٿيندا تنهنڪري راڻي ڊاجر چيني فوج کي باڪسرن سان ملي وڃڻ لاء چيو. ۽ هن چيو ته غير چينين کي ماريو وڃي. ان حڪم انهن ماڻهن ۾ انقلاب جي باه کي اڃان وڌيڪ ڀڙڪايو جيقي پهرين کانئي مڇريل هئا. پوءِ باڪسرن جو فقت هڪ ئي نارو هيو ته قنگ خاندان ۽ راڻي ڊاجر جي مدد ڪيو ۽ ٻاهرين ماڻهن کي ماريو.

. ان نتيجي ۾ باڪسر ۽ چيني فوج ملي ڪري عيسائي عبادت گاهن، گرجاگھرن، ۽ جاپانين جي گھرن کي ساڙي ۽ قتل ڪري ڇڏيو. ان انقلاب ۾ صرف غير ملڪي نه بلڪه اهي چيني به شامل هئا جيقي عيسائي مذهب سان تعلق رکندا هئا انهن خلاف به محاذ گرم ڪيو ويو.

 جڏهن چين جي گادي واري شهر ۾ باڪسرن غيرملڪين مٿان حملا ڪرڻ شروع ڪيا تڏنهن بين الا اقوامي  دنيا مان اتحادي فوجن جنهن ۾ فرانس،روس،اٽلي، جرمني ۽ امريڪا شامل هئا انهن چين جي گادي واري هند جو رخ ڪيو ۽  باڪسرن خلاف محاظ کوليو، ان انقلاب دوران چين جي ملڪه ملڪ ڇڏي ان آثري تي ڀڄي وئي، ته ڪٿي حقيقي معنيٰ ۾ نه هن جي تخت ۽ تاج تي غير ملڪي قبضو ڪن. جڏنهن هو ٻن سالن بعد واپس آئي تڏنهن ٿيو به ائين ئي هن گادي واري شهر کي غير ملڪن جي هٿ هيٺ ڏٺو. پوءِ ملڪه ڊاجرجي بادشاهي فقت ائين هئي جيئن 1857 واري جنگِ آزادي کان پهرين آخري مغل بادشاه بهادر شاه ظفر جي هئي. ملڪه کي نه چاهيندي به غير ملڪي فوج جا مطالبا مڃڻا پيا.اوڻويهين صدي جي آخر تائين اوله جي طاقتن ۽ جاپان جي حڪمرانن قنگ خاندان کي پيڪنگ (بيجنگ) ۽ ٻين معاشي معاملن تي غير ملڪين کي ڪنٽرول ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. اتحادي فوج جي اسرار تي باڪسر جيقي پهرين راڻي جي چوڻ تي جاپانين ۽ غير چينين تي حملا آور ٿيا. انهن کي غدار ۽ باغي قرار ڏِيارايو. جنهن کان پوء اِتحادي فوجين جاپان  جي حڪمارنن جي اڳواڻي ۾ انهن باڪسرن جو قتل عام شروع ڪيو.  ائين 1908 ۾ چين جي ملڪه جي موت کان ٽن 3 سالن بعد حڪومت جو تخت اونڌو ٿيو. هي بغاوت غير ملڪين خلاف مزاحمت ڪرڻ لاءِ ڪئي وئي پر جديد اسلحي ۽ جنگي تربيت نه هئڻ ڪري باڪسرن جا ڪيتريئي سپاهي ماريا ويا.ائين چين جو باڪسر انقلاب ختم ٿي ويو.

Usama Somro
03048761298
Soomromarxi@gmail.com

Published by Usama Soomro

Social activist|Progressive|Writer|Blogger|Humanist|Cultural Critic| and Researcher.

Leave a comment

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out /  Change )

Google photo

You are commenting using your Google account. Log Out /  Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out /  Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out /  Change )

Connecting to %s

Create your website with WordPress.com
Get started
%d bloggers like this: